اشرف ڳڙهه

اشرف ڳڙهه (Ashraf Garh): اشرف ڳڙهه ضلعي هيڊڪوارٽر جند (هندوستان) کان 6 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. هيءُ ماڳ ڳوٺ کان 300 ميٽر اوڀر طرف دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هي ماڳ 76021'48.7" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 29017'43.9" ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. دڙو ٽي ميٽر اوچو ۽ 6.5 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي. مقامي طور هن ماڳ کي ’پير والا ٿير‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هتان پوئين هڙاپائي دور (Later Harrapn Period) ۽ ڀوري چٽيل ٿانون (PWG) واري دور جو ٺڪراٺو ملي ٿو. ان کانسواءِ وچين تاريخي ۽ تاريخي دور جا آثار به موجود آهن. هتان مصالحي وارين چوڙين جا ٽڪر ۽ مڻيا جهجهي تعداد ۾ مليا آهن. هتان هڪ مڪمل خاڪي رنگ جي ٺڪر جي ٿالهي به ملي آهي. انهيءَ ٿالهيءَ جا ڪنا اندر وريل ۽ هيٺان ترو ڏنل اٿس. هيءُ ماڳ 1980ع ۾ آرڪيالاجي جي ماهر برهم رت ڳوليو هو.


لفظ اشرف ڳڙههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو